تازہ ترین

پنهنجي سياسي طاقت سان آئيني ترميم ڪري ڏيکارينداسين : بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تقريبن اتفاق راءِ ٿي ويو آهي، پنهنجي سياسي طاقت سان آئيني ترميم ڪري ڏيکارينداسين، ڪوشش آهي ته جلد کان جلد اتفاق راءِ سان آئيني ترميم منظور ڪرايون.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي گڏيل پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندن ڪوشش آهي ته سياسي اتفاق راءِ سان 26 هين آئيني ترميم منظور ڪري ميثاق جمهوريت ۾ عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪيون.

هن چيو ته خورشيد شاهه گذريل ڏينهن پارليامينٽ جي ميمبرن جي شڪايت جو نوٽيس وٺندي اسپيڪر کي شڪايتن کان آگاهه ڪيو آهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ن، جي يو آءِ وچ ۾ اتفاق راءِ جي اعلان کانپوءِ ان قسم جون شڪايتون سامهون اچڻ افسوسناڪ  ۽ مذمت جوڳو آهي، هو اميد ڪري ٿو ته خورشيد شاهه جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ ڪميٽي ان شڪايتن جو ازالو ڪندي ته جئين آئنده اهڙي قسم جون  شڪايتون سامهون نه اچن.

هن چيو ته آئين سازي طرف وڌي رهيا آهيون ۽ تقريبن اتفاق راءِ ٿي چڪو آهي، عدالتي سڌارن تي پيپلز پارٽي، جي يو آءِ ۽ مسلم ن جو اتفاق ٿي چڪو آهي، انشاءَ الله پنهنجي سياسي طاقت سان آئيني ترميم منظور ڪري ڏيکارينداسين.

هن چيو ته مولانا جا جائز مطالبا ۽ شڪايتون گذريل رات وزيراعظم آڏو رکيون هون، هو اميد ڪري ٿو ته وزيراعظم جيڪا خاطري ڪرائي هئي ان تي عمل ڪندو، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته آئيني ترميم منظور ڪرائڻ جي قابل ٿي وينداسين.

چيئرمين چيو ته پارلياماني پارٽي کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن پارٽي جو ڪو ميمبر موجود ناهي يا ان کيس لکت واري هدايت ناهي ملي ته سندس لفظن کي واضح هدايت سمجهي، آئيني ترميم تي جنهن کي هو ووٽ ڏئي تنهن کي ميمبر به ووٽ ڏيڻ يقيني بڻائين. هن چيو ته جيڪڏهن مان حڪومت جي ڪنهن به شق يا تجويز جي حق ۾ ووٽ نه ڏيندس ته ميمبرن کي هدايت آهي ته هو به اهڙي ڪنهن تجويز يا تجويز جي حق ۾ ووٽ نه ڏين ۽ پنهنجي پارلياماني ليڊر جي هدايتن تي عمل ڪريو

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.