تازہ ترین

مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو اڪثريتري فيصلو ڏيندڙ 8 ججز ٻيو ڀيرو وضاحت جاري

مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو اڪثريتري فيصلو ڏيندڙ 8 ججز ٻيو ڀيرو وضاحت جاري ڪري ڇڏي آهي

سپريم ڪورٽ پاران ٻيو  ڀيرو وضاحت اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ڏني وئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم 12 جولائي واري فيصلي تي لاڳو نٿي ٿي سگهي، اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کي ماضي تي لاڳو جو سبب بڻائي فيصلي کي غيراثرائتو نٿو ڪري سگهجي.

سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته ان معاملي تي ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ چيمبرز ۾ ٻڌڻي ٿي آهي، وضاحت لاءِ رابطي جو حق ان لاءِ ڏنو هو ته جئين مختصر حڪمنامي تي عملدرآمد ۾ پريشاني نه ٿئي، هاڻي تفصيلي فيصلو جاري ٿي چڪو آهي، ڪنهن به وضاحت جي ضرورت ناهي ٿي.

اڪثريتي ججز چيو ته تفصيلي فيصلي ۾ سمورن قانوني ۽ آئيني نقطن جو احاطو ڪيو ويو آهي، تفصيلي سبب جاري ڪرڻ کان اڳ وضاحت جاري ڪري چڪا آهيون، مختصر حڪمنامي موجب جاري پهرين وضاحت کي به تفصيلي سببن ۾ شامل ڪيو ويو هو.

ججز چيو ته تفصيلي سبب پهريان جاري ٿي چڪا آهن، ڌرين طرفان اٿاريل سمورن قانوني ۽ آئيني معاملن کي جامع طور تي اڪلايو ويو آهي، عدالت جو فيصلو آئين جي آرٽيڪل 189 تحت لاڳو آهي ۽ ان تي عمل ٿيڻ گهرجي ها. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ 12 جولاءِ تي محفوظ ڪيل سيٽن واري ڪيس جو فيصلو جاري ڪيو هو

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.