ڪراچي: نارٿ ڪراچي ۾ 11 ڏينهن اڳ گم ٿيل نينگر جو لاش هٿ
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي نارٿ ڪراچي ۾ 11 ڏينهن اڳ گم ٿيل نينگر صارم جو لاش هٿ آيو، پوليس موجب نينگر جو لاش گهر ٻاهران پاڻي جي ٽانڪي مان هٿ آيو آهي، 7 ورهين جو صارم 11 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويو هو.