ملتان (اسپورٽس ڊيسڪ) ملتان ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن ويسٽ انڊيز جي خلاف پاڪستان جي سموري ٽيم 230 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ملتان ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پاڪستان ويسٽ انڊيز جي خلاف 4 وڪيٽن جي نقصان تي 143 رنسن سان اڻ مڪمل اننگز جي ٻيهر شروعات ڪئي هئي. راند جو ٻيو ڏينهن به پاڪستان جي بيٽسمينن جي لاءِ سٺو نه رهيو ۽ پهرين ئي سيشن ۾ وڪيٽون ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. سعود شڪيل 84 ۽ سلمان علي آغا 7 رنسو ٺاهي آئوٽ ٿي ويا جڏهن ته محمد رصوان 71 رنسن تي پويلين موٽي ويو. رضوان کان پوءِ ڪريز تي ايندڙ نعمان علي به ٻڙيءَ تي آئوٽ ٿيو جڏهن ته خرم شهزاد 7 رنسون ٺاهي سگھيو، ان کان سواءِ ڪپتان شان مسعود 11، بابراعظم 8، محمد هريره 7 ۽ ڪامران غلام 5 رنسون اسڪور ڪيون. ويست انڊيز جي جيڊن سيلز ۽ جوميل وريڪين 3،3 پاڪستانين کي شڪار ڪيو، جڏهن ته ڪيون سنڪليئر 2 ۽ گداڪيش موتي ڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.