تازہ ترین

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي فياض سولنگيءَ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ۽ ڌرڻا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مغوي صحافي فياض سولنگي جي بازيابيءَ لاءِ قلم ڌڻين مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا، قلم ڌڻين گمبٽ، پنوعاقل، ٻٻرلوءِ، ڏيپلو، ڍورو نارو، قاضي احمد، رسول آباد ۾ مظاهرا ڪيا، گمبٽ ۾ وڪيلن پاران صحافي جي اغوا خلاف عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت فوري طور صحافي فياض سولنگي کي بازياب ڪرائي. ٻئي طرف سوڀوديرو ٿاڻي تي هفتو اڳ اغوا ٿيل صحافي فياض سولنگي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، مغوي صحافي جي ڀاءُ اشتياق سولنگي جي فرياد تي سوڀو ديرو ٿاڻي تي داخل ڪرايو، گذريل ڏينهن ڌاڙيلن صحافي فياض سولنگي جي تشدد واري وڊيو وائرل ڪئي هئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.