المواسي ڪئمپ تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ ڊاڪٽر سميت 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا
غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) غزا تي اسرائيل جا حملا جاري، 24 ڪلاڪن ۾ 72 فلسطيني شهيد، المواسي ڪئمپ تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ ڊاڪٽر سميت 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
غزا جي سرڪاري ميڊيا آفيس موجب هڪ مهيني ۾ امداد وٺڻ دوران 549 فلسطيني شهيد ۽ 4 هزار زخمي ٿي پيا.
يورپي يونين جي اجلاس ۾ اسرائيل کان فوري جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو ويو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته غزا ۾ صورتحال تمام گهڻي خراب آهي، ايندڙ هفتي جنگ بندي ٿي ويندي.