ڳوٺ ذاڪر لاشاري ۾ پونا زال پريم ڪولهي جو ڦاھو ڏنل لاش مليو
ڪنري (ويب ڊيسڪ) ڪنريءَ ڀرسان پرڻيل عورت جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش ھٿ آيو.
ڳوٺ ذاڪر لاشاري ۾ پونا زال پريم ڪولهي جو ڦاھو ڏنل لاش مليو، وارثن جو چوڻ آهي ته سندن عورت آپگھات ڪيو آهي.
عورت جي مڙس جو چوڻ هو ته هو ٻنيءَ تي ويل هئا ته پويان گهر واري گهر ۾ ڦاھو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو آهي.