ايوان ۾ گوڙ، نعريبازي ۽ دستاويز ڦاڙڻ تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي: اسپيڪر ملڪ احمد خان
لاهور (نيشنل ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ رولنگ جي ڀڃڪڙي تي مخالف ڌر جي 26 ميمبرن جي 15 اجلاسن ۾ شرڪت معطل.
اسپيڪر ملڪ احمد خان جو چوڻ آهي ته ايوان ۾ گوڙ، نعريبازي ۽ دستاويز ڦاڙڻ تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.
اسپيڪر جو وڌيڪ چوڻ هو ته احتجاج جو حق سڀني کي آهي پر ان جون به ڪي حدون، آئين ۽ قانون ۾ مقرر ڪيل آهن.