ڪالهه سوات درياهه ۾ اوچتو پاڻي جو وهڪرو اچڻ سبب مختلف هنڌن تي 70 ڄڻا ڦاسي پيا هئا: ضلعي انتظاميه
سوات (نيشنل ڊيسڪ) سوات درياھھ ۾ ٻڏي ويلن مان وڌيڪ هڪ ڄڻي جو لاش هٿ، فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو.
ضلعي انتظاميا موجب ڪالهه صبح سوات درياهه ۾ اوچتو پاڻي جو وهڪرو اچڻ سبب مختلف هنڌن تي 70 ڄڻا ڦاسي پيا هئا.
ڦاٿل ماڻهن مان 57 ڄڻن کي ريسڪيو ڪيو ويو هو جڏهن ته 10 ڄڻا فوت ٿي ويا، 3 ڄڻن جي ڳولا جاري آهي.