ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر برقرار، اڪثر علائقن ۾ ڪوهيڙو، ٽريفڪ جي روانگي متاثر، سنڌ،پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ ٿڌ جي لهر، پنجاب ۾ ڪوهيڙي سبب موٽر وي ايم 3 ۽ ايم 4 ٽرئفڪ لاءِ بند، بلوچستان ۾ برسات جو سبب بڻجندڙ هوائن جو نئون سسٽم داخل ٿيڻ جو امڪان، موسميات کاتي موجب خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ برسات ۽ برفباري ٿي سگهي ٿي.