اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) حڪومت پاران مراڪش ٻيڙي حادثي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف پاران جوڙيل جاچ ٽيم اڄ رات مراڪش رواني ٿي ويندي، شاهديون گڏ ڪرڻ بعد فوتين جي تصديق ڪئي ويندي، ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته 20 ڄڻا ڪراچي، لاهور ۽ فيصل آباد ايئرپورٽس تان سينيگال روانا ٿيا هئا.