انٽارڪٽيڪا (انٽرنيشل ڊيسڪ) پاڪستان جَي جبل چاڙهو اسد علي ميمڻ انٽارڪٽيڪا جي اوچي چوٽي مائونٽ ونسن سَر ڪري ورتي، اسد علي ميمڻ 7 کنڊن جي 7 اوچين چوٽين جي سفر دوران هن وقت تائين ڇهين چوٽي سَر ڪئي، مائونٽ ونسن جي اوچائي 48 سئو 92 ڪلوميٽر آهي، جيڪا دنيا جي ٿڌي چوٽي تصور ڪئي وڃي ٿي.