تازہ ترین

October 29, 2024

Year : 2025

وقت پري ناهي جڏهن چين معاشي سپر پاور هوندو: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪو شڪ ناهي ته چين دنيا جي سڀ کان وڏي معيشيت بڻجڻ وارو آهي، اهو وقت پري ناهي ڪڏهن چين دنيا جو معاشي سپر پاور هوندو. اسلام آباد م چين جي ترقي ۽ عالمي قيادت جي سفر تي بين الاقوامي ڪانفرنس […]

سپريم ڪورٽ ٻاهران احتجاج، بيريسٽر گوهر جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت سپريم ڪورٽ ٻاهران احتجاج ڪرڻ واري معاملي تي پي ٽي آءِ چيئرمين بيريسٽر گوهر جي عبوري ضمانت ۾ 21 نومبر تائين جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد جي دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين بيريسٽر گوهر جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي […]

حزب الله پاران نعيم قاسم جماعت جو نئون سربراهه مقرر

بيروت (ويب ڊيسڪ) حزب الله نعيم قاسم کي جماعت جو نئون سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي. لبناني جھيڙيندڙ تنظيم حسن نصرالله جي شهادت جي هڪ مهيني کان پوءِ وقتي سربراهه نعيم قاسم کي هاڻ باقاعدي سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي. نعيم قاسم ڊگھي عرصي تائين حسن نصر الله جو نائب رهيو آهي ۽ حسن نصرالله […]

ڪراچيءَ ۾ ايندڙ 2 ڏينهن تائين گرمي جاري رهڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي پاران ڪراچيءَ جي شهر ۾ ايندڙ 2 ڏينهن تائين گرمي جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي شهر ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن تائين موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي جو ٻڌائڻ آهي ته ڪراچيءَ جي شهر ۾ اڄ کان سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ […]

ڇويهين آئيني ترميم پ پ چيئرمين جو دور انديشي وارو قدم آهي: شرجيل انعام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شرجيل انعام ميمڻ 26 هين آئيني ترميم کي پ پ پ چيئرمين جو دور انديش قدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته 18هين ترميم جيان 26 هين ترميم به پاڪستاني سياسي منظرنامي ۾ انقلابي قدم آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو جي دور […]

التوا هيٺ ڪيس اڪلائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جسٽس منصور علي شاهه جو منصوبو اپنائيندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ اجلاس ڪيسن جي وڌندڙ بيڪ لاگ کي اڪلائڻ جي لاءِ ڪيس مئنيجمينٽ پلان 2023 کي اپنايو آهي، جتي هي منصوبو سينيئر جج جسٽس سيد منصور علي شاهه جي ذهن جو نتيجو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريديءَ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ جسٽس منصور […]

ايمان مزاري ۽ سندس مڙس جو 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جي الزام ۾ گرفتار ايمان مزاري ۽ ان جي مڙس هادي علي چٺه جو 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو آهي. دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي […]

سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب اليڪشن ٽربيونل جي جوڙجڪ جي معاملي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سلمان اڪرم راجا سپريم ڪورٽ جي 30 سيپٽمبر جي فيصلي تي نظرثانيءَ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ عدالت کان گھُر ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ 30 سيپٽمبر جي فيصلي تي نظرثاني ڪري […]

ڪي اليڪٽرڪ پاران 2022.23 ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب مرندڙ سڀ نشئي قرار: رپورٽ جمع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ۾ ڪي اليڪٽر جي انتظام هيٺ علائقن سال 2022.23 ۾ ٿيندڙ موتن تي جواب جمع ڪراچي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ مري ويندڙ گھڻن ماڻهن کي نشي جو عادي قرار ڏنو ويو آهي. ڪي اليڪٽرڪ طرفان نيپرا ۾ جمع جواب موجب ڪراچي ۾ ويسٽ هارف ۾ ڪرنٽ […]

سنڌ پوليس ٽيڪنالاجي وسيلي 802 شهرين کي اغوا ٿيڻ کان بچايو: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس 800 کان وڌيڪ شهرين کي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. هڪ خانگي چينل سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ غلان نبي ميمڻ انڪشاف ڪيو ته هلندڙ سال دوران سنڌ پوليس حساس ادارن جي مدد سان سموري ملڪ جي 802 شهرين کي ڪچي جي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيڻ کان بچايو […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.