تازہ ترین

ڇويهين آئيني ترميم پ پ چيئرمين جو دور انديشي وارو قدم آهي: شرجيل انعام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شرجيل انعام ميمڻ 26 هين آئيني ترميم کي پ پ پ چيئرمين جو دور انديش قدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته 18هين ترميم جيان 26 هين ترميم به پاڪستاني سياسي منظرنامي ۾ انقلابي قدم آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو جي دور انديشي فخر ۽ تعريف جوڳي آهي، شرجيل ميمڻ موجب ترميم کي حقيقت بڻائڻ ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۽ محنت تمام گهڻي اهم رهي، 26 هين آئيني ترميم چيئرمين بلاول ڀٽو جي محنت ۽ ڪوششن سان ئي ممڪن ٿي آهي، بلاول ڀٽو پاڪستان کي روشن ۽ برابري واري مستقبل ڏانهن رهمنائي ڪرڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو، شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جو قدم وڌيڪ برابري ۽ متحد پاڪستان کي هٿي وٺرائيندو، 26 هين آئيني ترميم سان وفاق وڌيڪ مضبوط ۽ متحد ٿيندو، 26 هين آئيني ترميم سان صوبن کي برابر نمائندگي ملندي، 26 هين آئيني ترميم وڌيڪ جامع ۽ منصفاڻي معاشري جي تعمير ۾ مدد ڪندي، جامع ۽ منصفاڻي معاشري سان پوري قوم کي فائدو ٿيندو، ترميم سان جمهوريت وڌيڪ مضبوط ٿيندي ۽ شهرين جي حقن جي ضمانت ڏني ويندي. شرجيل ميمڻ بيان ۾ وڌيڪ چوڻ آهي ته هن آئيني ترميم جو مقصد سمورن صوبن لاءِ بهتر نمائندگي کي يقيني بڻائڻ آهي، آئيني ترميم جو مقصد جمهوريت ۽ انصاف جي نظام کي مضبوط ڪرڻ آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو ملڪ کي روشن ۽ وڌيڪ برابري واري مستقبل ڏانهن وٺي ويو آهي، انصاف جي نظام ۾ برابر نمائندگي بابت پراڻا مسئلا حل ٿي ويندا ۽ جمهوريت وڌيڪ مضبوط ٿيندي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.