ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي پاران ڪراچيءَ جي شهر ۾ ايندڙ 2 ڏينهن تائين گرمي جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي شهر ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن تائين موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي جو ٻڌائڻ آهي ته ڪراچيءَ جي شهر ۾ اڄ کان سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ ايندڙ صبح سان هلڪي ڪوهيري جو به امڪان آهي، موسميات کاتي جي جاري بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ گرميءَ جي سختيءَ ۾ اڄ کان گھٽتائيءَ جو امڪان آهي.