تازہ ترین

حزب الله پاران نعيم قاسم جماعت جو نئون سربراهه مقرر

بيروت (ويب ڊيسڪ) حزب الله نعيم قاسم کي جماعت جو نئون سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي. لبناني جھيڙيندڙ تنظيم حسن نصرالله جي شهادت جي هڪ مهيني کان پوءِ وقتي سربراهه نعيم قاسم کي هاڻ باقاعدي سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي. نعيم قاسم ڊگھي عرصي تائين حسن نصر الله جو نائب رهيو آهي ۽ حسن نصرالله جي شهادت کانپوءِ کيس تنظيم جو وقتي سربراهه بڻايو ويو هو، جڏهن ته ان کان اڳ حزب الله جي شوريٰ ڪاميٽيءَ جو لاڳيتو ٽي ڀيرا ميمبر به رهي چڪو آهي. حسن نصرالله جي شهادت کان پوءِ ان جي ماسات ۽ نياڻي هاشم صفي الدين کي حزب الله جو سربراهه مقرر ڪرڻ جا چٽا امڪان هئا پر صفي الدين به ڪجھه ڏينهن اڳ هڪ اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو هو. ياد رهي ته ڊگھي عرصي تائين حزب الله جو سيڪريٽري جنرل ۽ سربراهه رهندڙ حسن نصر الله گذريل مهيني اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو هو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.