تازہ ترین

سپريم ڪورٽ ٻاهران احتجاج، بيريسٽر گوهر جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت سپريم ڪورٽ ٻاهران احتجاج ڪرڻ واري معاملي تي پي ٽي آءِ چيئرمين بيريسٽر گوهر جي عبوري ضمانت ۾ 21 نومبر تائين جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد جي دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين بيريسٽر گوهر جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ان کان اڳ اسلام آباد جي علائقي سنگجاني ۾ گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي جلسي بعد پوليس پارليامينٽ هائوس جي دروازي تان بيريسٽر گوهر ۽ شير افضل مروت کي گرفتار ڪيو هو. پي ٽي آءِ چيئرمين بيريسٽر گوهر خلاف سنگجاني ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل هو پر اسلام آباد پوليس بيريسٽر گوهر کي سنگجاڻي ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ ڊسچارج ڪندي آزاد ڪري ڇڏيوهو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.