اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ اجلاس ڪيسن جي وڌندڙ بيڪ لاگ کي اڪلائڻ جي لاءِ ڪيس مئنيجمينٽ پلان 2023 کي اپنايو آهي، جتي هي منصوبو سينيئر جج جسٽس سيد منصور علي شاهه جي ذهن جو نتيجو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريديءَ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ جسٽس منصور علي شاهه جي وضع ڪيل هڪ مهيني جي ڪيس مئنيجمينٽ پلان جو جائزو ورتو ويو جتي ان منصوبي ۾ واضح معيار مقرر ڪيا ويا آهن ، سمورين ڪيٽيگرين جي ڪيسن کي اثرائتي طريقي سان هلائي سگھجي ٿو. چيف جسٽس طرفان سڏايل اجلاس ۾ جسٽس منصور علي شاهه سميت سمورن سينيئر ججز شرڪت ڪئي، سمورن ججز کي پرڏيهه کان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ڪيو ويو هو. سپريم ڪورٽ رجسٽرار جي تازن انگ اکرن موجب 59 هزار 191 ڪيس التوا جو شڪار آهن.