تازہ ترین

ايمان مزاري ۽ سندس مڙس جو 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جي الزام ۾ گرفتار ايمان مزاري ۽ ان جي مڙس هادي علي چٺه جو 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو آهي. دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي ٻنهي جوابدار زال مڙس کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي پوليس پاران ايمان مزاري ۽ هادي علي جي 30 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي گھر ڪئي، جنهن تي جج پڇاڻو ڪيو ته ڪيس ڪهڙو آهي رمانڊ ڇو پيا گھرو؟ پراسيڪيوٽر راجا نويد ٻڌايو ته مان ڪيس جو مَتن پڙهي ٿو ٻڌايان، ٽريفڪ کي روڪيو ويو هو جيڪو انگلينڊ جي ٽيم جو روٽ هو، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي روانگي هئي، انهن کي اسٽيٽ جي سيڪيورٽي مهيا ڪئي ويندي آهي. هن دليل ڏيندي چيو ته هي زال مڙس آيا ۽ بيريئر هٽائڻ جي ڪوشش ڪيائون، عورت جوابدار پوليس کي چيو ته مان ايمان مزاري آهيان، روڊ توهان جي پيءُ جو ناهي، ابراهيم خان ٽريفڪ اهلڪار بيريئرز واپس لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مرد وڪيل عبدالهاديءَ ان کي مارڪٽ ڪئي. پراسيڪيوٽر راجا نويد جو چوڻ هو ته بيريئر هٽائڻ تي ٻه ٽي موٽر سائيڪل سوار روٽ ٽوڙي اڳتي نڪري ويا، مقامي پوليس جي پهچڻ تي هي ٻئي پوئتي هٽي ويا. جج پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته توهان هي ته ڪيس جو متن ٿا پيا پڙهو، توهان جي درخواست ڪهڙي آهي؟ جنهن تي پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدارن عوام کي چڙ ڏياري، وڊيو ۽ وائيس ميچ ڪرائڻ ضروري آهي، جنهن تي جج پڇاڻو ڪيو ته جن ماڻهن روٽ ٽوڙيو ڇا اُهي پڪڙيا ويا؟ جنهن تي پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته انهن جي سڃاڻپ ٿي رهي آهي. دليل ٻڌڻ بعد دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت ايمان مزاري ۽ هادي عليءَ جو 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.