تازہ ترین

ڪي اليڪٽرڪ پاران 2022.23 ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب مرندڙ سڀ نشئي قرار: رپورٽ جمع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ۾ ڪي اليڪٽر جي انتظام هيٺ علائقن سال 2022.23 ۾ ٿيندڙ موتن تي جواب جمع ڪراچي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ مري ويندڙ گھڻن ماڻهن کي نشي جو عادي قرار ڏنو ويو آهي. ڪي اليڪٽرڪ طرفان نيپرا ۾ جمع جواب موجب ڪراچي ۾ ويسٽ هارف ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب مرندڙ شهري کي نشي جو عادي قرار ڏنو ويو، هڪ شهري سب اسٽيشن مان بجلي چوريءَ جي ڪوشش ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو. ملير ۾ نشي جو عادي 11 ڪي وي انڊر گرائونڊ ڪيبل چوري ڪندي مري ويو هو، ذهني مريض دلدار ڪاوڙ ۾ اچي 11 ڪي وي جي ٿنڀي تي چڙهي موت جي منهن ۾ ويو. ڪي اليڪٽرڪ جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته سپر هاءِ وي ويجھو گڏاپ ۾ نشي جي عادي شخص بجلي چوري ڪندي مري ويو. گلشن معمار ۾ نشي جي عادي شخص بجلي چوري دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو.سائيٽ جي علائقي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب مرندڙ شخص به نشي جو عادي هو، ڪورنگي ۾ سب اسٽيشن مان لاش مليو هو جنهن کي پڻ نشي جو عادي قرار ڏنو ويو، بن قاسم جي علائقي ۾ به ڪرنٽ لڳڻ سبب مرندڙ نشئي هو. ياد رهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي انتظام هيٺ علائقن ۾ سال 2022.23 دوران 33 شهري ڪرنٽ لڳڻ سبب موت جو شڪار بڻيا هئا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.