خيبر (نيشنل ڊيسڪ) پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي آءِ ايس پي آر جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جو خيبر ۾ آپريشن دوران 4 خارجي دهشتگرد مارجي ويا، سيڪيورٽي فورسز ضلعي خيبر جي علائقي باغ ۾ آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران 4 خارجي دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا. وڌيڪ چيو ويو آهي ته مارجي ويل خارجي دهشتگردن ۾ ڪمانڊر عزيز الرحمان عرف قاري اسماعيل به شامل آهي، مارجي ويل خارجي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا.