اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائيءَ جي وفاقي وزير اويس لغاريءَ جو چوڻ آهي ته اسان جي خواهش آهي ته بجليءَ جو اگھه 50 رپين مان گھٽ ٿئي، آءِ ايم ايف سان ڪيپٽو پاور پلانٽس تي ڳالهائي رهيا آهيون، 10 کان 12 رپيا في يونٽ تائين بجلي سستي ڪري سگھون ٿا. قومي اسيمبليءَ جي توانائيءَ بابت قائمه ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير اويس لغاريءَ جو چوڻ هوته آءِ ايم ايف سان ڪيپٽو پاور پلانٽس تي ڳالهائي رهيا آهيون ۽ معاملو پڄاڻيءَ طرف وڌي رهيو آهي. اويس لغاريءَ جو چوڻ آهي ته بجليءَ جي قيمت 10 کان 12 رپيا في يونٽ گھٽ ڪري سگھون ٿا، خواهش آهي ته بجليءَ جو اگھه 50 رپيا کان گھٽ ڪيو وڃي، بگاس جي 8 پلانٽس جو جائزو وٺي رهيا آهيون، ان کان سواءِ وڌيڪ 16 پلانٽن تي نظرثاني به ڪرڻ وارا آهيون.