تازہ ترین

لوڏا کائيندڙ معيشيت پاڻ سنڀالي پئي، ملڪ معاشي استحڪام طرف وڃي پيو: مريم نواز

پاڪپتن (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جو چوڻ آهي ته لوڏاکائيندڙ معيشيت پاڻ سنڀالي رهي آهي، ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي رهيو آهي، نوجوانن لائيو اسٽاڪ اسڪيم جو آڌرڀاءُ ڪيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ جي بلندي تي پهچي چڪو آهي.پاڪ پتن ۾ لائيو اسٽاڪ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف دور کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر معيشت جي لاءِ سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، لائيو اسٽاڪ اسڪيم حاصل ڪندڙن ۾ 2 عورتون به شامل آهن. مريم نواز چيو ته شهباز شريف جي وزيراعظم بڻجڻ وقت پاڪستان ڊيفالٽ ۽ ملڪ جي ڏيوالپڻي جون خبرون اچي رهيون هيون، ملڪ کي سريلنڪا سان ملايو پي ويو پر اڄ مسلم ليم (ن) جي حڪومت کي 10 مهينا به ناهن گذريا ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ جي رڪارڊ ٽوڙڻ جون خبرون اچي رهيون آهن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.