دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل رانديگرن جي نيئن ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ قومي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان بابراعظم 5 درجا ترقي ڪري 12 هي پوزيشن تي اچي ويو آهي، جڏهن ته نائب ڪپتان سعود شڪيل 6 درجا هيٺ ٿي 11 هين نمبر تي هليو ويو آهي. ڀارت خلاف بورڊر گواسڪر ٽرافي ۾ بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندڙ آسٽريليا جي فاسٽ بالر اسڪاٽ پولينڊ پهريون ڀيرو آءِ سي سي ٽيسٽ بالنگ رينڪنگ ۾ ٽاپ 10 ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي. ڀارت خلاف سيريز ۾ بولينڊ آخري ٽيسٽ ۾ 10 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون ۽ هو مين آف دي ميچ به رهيو هو، سندس ڪارڪردگي جي ڪري هو 29 درجا ترقي بعد نائين نمبر تي پهچي ويو آهي. بورڊر گواسڪر ٽرافي ۾ 32 وڪيٽون حاصل ڪندڙ مين آف دي سيريز رهندڙ ڀارتي بالر جسپرت بمراه پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته آسٽريليا جو ڪپتان پيٽ ڪمنز ۽ ڏکڻ آفريڪا جو ڪگيسو رباڊا ترتيبوار ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي موجود آهن. ان کان سواءِ آسٽريليا جو فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ ٽاپ ٿري مان ٻاهر ٿي ويو آهي ۽ پاڪستان خلاف بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڏکڻ آفريقي بالر مارڪو جانسن ٽيسٽ بالرز جي فهرست ۾ ٽاپ 5 ۾ شامل ٿي ويو آهي.