چاڊ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اتر آفريڪا جي ملڪ چاڊ جي صدارتي محل تي هٿياربندن جو حملو، 19 ڄڻا مارجي ويا، پرڏيهي ميڊيا موجب گادي واري شهر انجامينا ۾ صدارتي محل تي هٿياربندن حملو ڪيو، چاڊ حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي اهلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ 18 حملو ڪندڙ مارجي ويا، 6 زخمي ٿي پيا، هٿياربندن جي حملي ۾ هڪ سڪيورٽي اهلڪار مارجي ويو، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.