2 کان 5 جولاءِ دوران ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو ۽ بدين ۾ تيز برسات پئجي سگهي ٿي: موسميات کاتو
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) موسميات کاتي پاران ملڪ ۾ اڄ کان 5 جولاءِ تائين تيز برساتن جي اڳڪٿي، ٻوڏ جو الرٽ جاري.
ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد ۽ ڪي پي ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو.
اين ڊي ايم اي موجب 2 کان 5 جولاءِ دوران ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو ۽ بدين ۾ تيز برسات پئجي سگهي ٿي، شهري ٻوڏ جو به خدشو آهي.