تازہ ترین

ڀارت پنهنجي پاليسين تي هڪ ڀيرو ٻيهر نظرثاني ڪري: اسحاق ڊار

ڀارت فالس فليگ آپريشن جي آڙ ۾ پاڪستان تي اڳرائي ڪئي: تقريب کي خطاب

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت پنهنجي پاليسين تي هڪ ڀيرو ٻيهر نظرثاني ڪري، ڀارت فالس فليگ آپريشن جي آڙ ۾ پاڪستان تي اڳرائي ڪئي.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم چيو ته ڀارت پهلگام واقعي تي ڪوڙا ڊراما رچايا جيڪي دنيا اڳيان وائکا ٿي پيا.

اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته ڀارت پاڻمرادو سنڌ طاس معاهدو رد نٿو ڪري سگھي، پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي.

هن چيو ته اسان ڀارتي اڳرائيءَ جو فوري ۽ اثرائتو جواب ڏنو، ڀارت پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، ڀارت پنهنجي مرضي پاڪستان تي مڙهي نٿو سگھي.

نائب وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل مسئلو آهي، ڪشمير مسئلي جي پرامن حل سان خطي ۾ امن ٿيندو، ڀارت عالمي قانونن جي کُليل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.