ڀارتي بحريه جي ڪيپٽن شيو ڪمار تباهه ٿيل جنگي جهازن جي صحيح انگ ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو
جگارتا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ڀارتي دفاعي اتاشي 7 مئي تي پاڪ-ڀارت فضائي جهڙپ دوران پاڪستان هٿان ڀارتي جهازن جي تباهي جو اعتراف ڪري ورتو.
انڊونيشيا ۾ سيمينار دوران خطاب ڪندي ڀارتي بحريه جي ڪيپٽن شيو ڪمار تباهه ٿيل ڀارتي جنگي جهازن جي صحيح انگ ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو.
ڪيپٽن شيو ڪمار جو چوڻ هو ته ڀارتي جنگي جهاز ته ضرور ڪِريا پر اهي ايترا نه هئا جيترا ٻڌايا پيا وڃن.