ايٿينز (ويب ڊيسڪ) يونان ۾ مقرر پاڪستان سفير عامر آفتاب يونان ٻيڙي حادثي ۾ 4 پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته ڪيترائي پاڪستاني شهري اڃا تائين گُم آهن، گم ٿيل پاڪستانين ۾ وڏو انگ ٻارن جو آهي. يونان ۾ پاڪستاني سفير عامر آفتاب قريشي جي پريس ڪانفرنس چيو ته حادثي واري هنڌ تي ريسڪيو آپريشن اڃا به جاري آهي، گم ٿيل شهرين جي بچڻ جي اميد گهٽ آهي، لبيا مان غيرقانوني طور 5 ٻيڙين ۾ پاڪستاني سوار هئا، فوت ٿيل پاڪستانين جا لاش سفارتخانو پنهنجي خرچ تي پاڪستان روانا ڪندو.