اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اتحاد تنظيم المدارس جي اجلاس ۾ مطالبو ڪيو آهي ته پارليامينٽ مان منظور ديني مدرسن واري بل جو جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان غير آئيني يا غيرقانوني مطالبو نه ڪري رهيا آهيون، مدرسن واري بل جي پارليامينٽ منظوري ڏئي چڪي، هاڻي هِي ڏيڍ مهيني کانپوءِ اعتراض اُٿاري رهيا آهن، مُفتي منيب الرحمان چيو ته اسان مثبت ۽ تعميري پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا، اسان کان مٿي ڪير به محب وطن ناهي، حالتن کي خراب ڪرڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي، جيڪڏهن ديني مدرسن واري بل خلاف ڪو به فيصلو ٿيو ته جلد حڪمت عملي جو اعلان ڪنداسين.