تازہ ترین

ڪي پي حڪومت صوبي ۾ امن ناهي ڪرايو، ٻين صوبن جو امن امان خراب ڪيو پيو وڃي: خورشيد شاهه/ شرجيل ميمڻ

سکر (ويب ڊيسڪ) پ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪي پي حڪومت پنهنجي صوبي ۾ امن ناهي ڪرائي سگهي، هاڻي وري ٻين صوبن جو امن امان خراب ڪيو پيو وڃي، احتجاج ٿيڻ گهرجي پر امن امان جو مسئلو نه ٿيڻ کپي، احتجاج دوران رياست کي نقصان نه ٿيڻ گهرجي، کيس ڄاڻ ناهي ته حڪومت تحريڪ انصاف سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. ٻئي طرف سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته وڳوڙين قانون جي حُڪمراني کي چٿڻ جي ڪوشش ڪئي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن مٿان حملو ناقابل معافي ڏوهه آهي، ملڪ ۾ ڏڦيڙ جي ڪا به جڳهه ناهي، ڪنهن به ٽولي کي ملڪ جو امن خراب ڪرڻ نه ڏنو ويندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.