تازہ ترین

بشريٰ بي بي جا سعودي عرب تي لڳايل الزام افسوس ناڪ آهن: خواجه آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته بشريٰ بي بي جا سعودي عرب تي لڳايل الزام افسوس ناڪ آهن، بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ جي ٻڏندڙ سياسي ٻيڙي بچائڻ لاءِ دوست ملڪ تي الزام لڳايو آهي، پي ٽي آءِ ۾ ويٺل عورتن وچ ۾ جهيڙو هلي رهيو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي خواجه آصف چيو ته وراثت جي ويڙهه ۾ ٽي عورتون هڪ طرف ۽ بشريٰ بي بي ٻئي طرف آهي، ڀاڄائي ۽ ڏيرياڻين وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ هلي رهي آهي. خواجا آصف وڌيڪ چيو ته 24 نومبر تي ڏنل احتجاج واري تاريخ دراصل وفاق تي ٽيون ڀيرو چڙهائي جي تاريخ آهي، بشريٰ بي بي جي بيان تي رٽائرڊ جنرل باجوا کي پاڻ ترديد ڪرڻ گهرجي، ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ باني چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪنداسين، ڪالهه وري بيان ڏنو ته سندن سياستدانن سان رابطا آهن، حڪومت جون پي ٽي آءِ سان ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، عدالت جي فيصلي تي عمل ڪيو ويندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.