ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي پاڻي جو هڪ ڦڙو به کڻڻ نه ڏينداسين، پاڻيءَ جي معاملي تي سنڌ حڪومت جو موقف بلڪ واضح ۽ چٽو آهي، پيپلزپارٽي جي قيادت ن ليگ سان خدشن تي سنجيدگي سان ڳالهائيندي، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻار ملڪ جو مستقبل هوندا آهن، ٻارن کي سموريون سهولتون ڏينداسين، اسان کي ٻارن جي حقن جو تحفظ ڪرڻو آهي، ملڪ ۾ هن وقت تائين پوليو جا 52 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، ملڪ مان پوليو جو خاتمو ضرور ڪنداسين.