تازہ ترین

November 22, 2024

Year : 2025

بشريٰ بي بي جا سعودي عرب تي لڳايل الزام افسوس ناڪ آهن: خواجه آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته بشريٰ بي بي جا سعودي عرب تي لڳايل الزام افسوس ناڪ آهن، بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ جي ٻڏندڙ سياسي ٻيڙي بچائڻ لاءِ دوست ملڪ تي الزام لڳايو آهي، پي ٽي آءِ ۾ ويٺل عورتن وچ ۾ جهيڙو هلي رهيو آهي. […]

اڳوڻي آرمي چيف پاران بشريٰ بي بي جي الزامن جي ترديد، ڪي پي حڪومت ذاتي بيان قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا بشريٰ بي بي جا لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، سندس ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا بشرا بي بيءَ جا لڳايل الزام بي بنياد قرار ڏنا آهن، کيس اهڙي قسم جو ڪو به فون نه آيو هو، هُو […]

دشمن عنصرن جي ارادن کي ناڪام بڻائڻ پهرين ترجيح آهي: جنرل عاصم منير

پشاور (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دشمن عنصرن جي ارادن کي ناڪام بڻائڻ پهرين ترجيح آهي، دهشتگردن جو نيٽ ورڪ ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، پاڪ فوج جون قربانيون متاثر ڪندڙ ۽ مضبوط ارادن جو بنياد آهن، آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير پشاور جو دورو […]

آءِ ٽي شعبي ۾ سڌارن لاءِ پيش ڪيل حڪمت عملي بهتر آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف آءِ ٽي شعبي جي سڌارن واري حڪمت عملي تي عمل يقيني بڻائڻ، سڌارا لاڳو ڪرڻ ۽ مختلف ادارن سان سهڪار لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ آءِ ٽي شعبي ۾ سڌارن جي جائزي بابت اجلاس، وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي، […]

بلوچستان ۽ بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جا ڌار ڌار آپريش، 6 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز جو ڳجهن اطلاعن تي ٽن ڌار ڌار آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان۾ چيو ويو آهي ته ڊيرا بگٽي ۾ آپريشن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، ڪيچ ۾آپريشن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جڏهن ته آواران ۾ آپريشن دوران 2 دهشتگرد […]

اي ٽي سي اسلام آباد علي امين گنڊاپورکي اشتهاري قرار ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي اسلام آباد جي ٿاڻي ايم نائين تي داخل ڪيل ڪيس ۾ اشتهاري قرار ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا حڪم نامو جاري ڪيو، عدالتي حڪم نامي ۾ چيو […]

امن امان جي بحالي ۾ پوليس جو اهم ڪردار آهي: محسن نقوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گھرو وزير محسن نقويءَ چيو آهي ته امن امان جي بحالي ۾ پوليس جو اهم ڪردار آهي، غريب جي داد رسي ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي، پوليس اهلڪار پنهنجي رويي سان عوام ۾ بهتر مقام حاصل ڪن، وفاقي وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ پاسنگ آئوٽ […]

سنڌ هاءِ ڪورٽ: ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ ڪيس، درخواست جي ڪاپي پي ايم ڊي سي کي فراهم ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ ٿيڻ واري ڪيس ۾ درخواست جي ڪاپي پي ايم ڊي سي کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته پي ايم ڊي سي عدالتي حڪم تي عمل نه پئي ڪري، عدالتي فيصلي موجب گذريل ٻِن سالن وارا شاگرد به […]

اڳوڻو ڪپتان اظهر علي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي يوٿ ڊولپمينٽ جو سربراهه مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪپتان اظهر علي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي يوٿ ڊولپمينٽ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو، قومي سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر اظهر علي جي ذميوارين ۾ واڌ ڪئي وئي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اظهر علي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي يوٿ ڊولپمينٽ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو.

گمبٽ: پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران فائرنگ، ڳوٺاڻو مارجي ويو

گمبٽ (ويب ڊيسڪ) گمبٽ لڳ پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ ڳوٺاڻو مارجي ويو، لانڍيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ قلب حسين جتوئي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ محمد حنيف جتوئي مارجي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ پراڻي […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.