ڊاڪٽرن پاران خالي پيٽ بلڊ پريشر جي دوائن جو استعمال سندس موت جو سبب قرار ڏنو ويو
ممبئي (شوبز ڊيسڪ) ڀارتي ماڊل ۽ اداڪارا شفالي جري والا جي موت کي اينٽي ايجنگ انجيڪشن ۽ خالي پيٽ بلڊ پريشر ڪيرائڻ جي دوائن جو استعمال سندس موت جو سبب قرار ڏنو ويو آهي.
شفالي جري والا جي اوچتي موت جي خبر شوبز انڊسٽري کي غم ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي، شروعاتي اطلاعن موجب سندس موت دل جو دورو پوڻ سبب واقع ٿيو.
پر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته کيس دل جي ڪا بيماري نه هئي، هوءَ گذريل 5، 6 سالن کان اينٽي ايجنگ انجيڪشن ۽ دوائون اسعتمال ڪندي آئي هئي.
ڀارتي پوليس جو چوڻ آهي ته شفالي جري والا 27 جون تي منجھند اينٽي ايجنگ انجيڪشن ورتي ۽ شام جو پنهنجي روزاني جون دوائون به استعمال ڪيون.
امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي خالي پيٽ تي دوائون استعمال ڪرڻ سبب سندس بلڊ پريشر اوچتو هيٺ هليو ويو ۽ موت کان اڳ کيس ڏڪڻي وڪوڙي وئي هئي.