تازہ ترین

آسٽريليا پهرين ون ڊي ۾ پاڪستان کي 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ميلبرن (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي، آسٽريليا پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي 2 وڪيٽن تان شڪست ڏني، ميلبرن جي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آسٽريليا پاڪستان طرفان ڏنل 204 رنس جو هدف 34 هين اوور ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو، آسٽريليا طرفان جوش انگلش 49 ۽ اسٽيو سمٿ 44 رنس ٺاهي نمايان رهيا، آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز 32 رنس ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ، جيڪ فريزر ۽ مارنوس لبوشين 16،16 رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا، پاڪستان جي جي حارث رئوف 3 ۽ شاهين شاهه آفريدي 2 آسٽريلوي رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، پاڪستان طرفان نسيم شاهه ۽ محمد حسنين هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي ان کان اڳ پاڪستاني ٽيم 47 هين اوور ۾ 203 رنس ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي. پاڪستاني ٽيم آسٽريليا خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ 203 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي، پاڪستان طرفان محمد رضوان 44، نسيم شاهه 44، عبدالله شفيق 12، بابر اعظم 37، ڪامران غلام 5 ۽ سلمان علي آغا 12 رنسون ٺاهيون، ڊيبيو ڪندڙ صائم ايوب هڪ رنس ٺاهي سگھيو هو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.