تازہ ترین

هندو برادريءَ کي ڏياريءَ جون واڌايون: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڏياري جي موقعي تي هندو برادري کي واڌايون ڏنيون آهن، بلاول ڀٽو پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آي ته روشنين جو تهوار ٻڌي، امن ۽ خوشي جهڙن آفاقي قدرن جي علامت آهي، ڏياري اونداهه تي روشنيءَ جي فتح جو جشن ۽ گڏيل عزم جي علامت آهي، هن چيو ته سمورين برادرين وچ ۾ هم آهنگي ۽ احترام کي هٿي وٺرائينداسين، پاڪستان ۾ اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو. پاڪستان ۾ اقليتن کي پنهنجا تهوار وقار ۽ آزادي سان ملهائڻ جو حق حاصل رهندو. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته ڏياري جو تهوار اميد، حوصلي ۽ شفقت جهڙن قدرن جي نمائندگي ڪري ٿو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.