تازہ ترین

آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ: سعود شڪيل جو وڏو ٽپ، ٽاپ 10 ۾ شامل

دبئي (ويب ڊيسڪ)  آءِ سي سي جي نئين پليئرز رينڪنگ ۾ قومي ٽيسٽ ٽيم جي نائب ڪپتان سعود شڪيل ڊگھو ٽُپ ڏيندي ٽاپ ٽين ۾ شامل ٿي ويو آهي. آءِ سي سي جي نئين ٽيسٽ رينڪنگ موجب سعود شڪيل 20 درجا ترقيءَ بعد 7 نمبر تي اچي ويو آهي جڏهن ته بابراعظم به هڪ درجو ترقي ڪري 19 کان 18 هين نمبر تي اچي ويو آهي. سعود شڪيل تازو ئي انگلينڊ خلاف کيڏندي 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 5 اننگز ۾ هڪ سينچري ۽ هڪ ففٽيءَ جي مدد سان280 رنز اسڪور ڪيون هيون ۽ کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار پڻ ڏنو ويو هو. ٽيسٽ بيٽسمينن ۾ انگلينڊ جو جوروٽ جي پهرين پوزيشن برقرار آهي جڏهن ته نيوزيلينڊ جو ڪين وليمسن جو ٻيو نمبر آهي. ڀارت جو نوجوان يشسوي جيسوال هڪ درجو ترقيءَ بعد ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي جڏهن ته ورات ڪوهلي 6 درجا هيٺ ٿيڻ بعد 14 هين نمبر تي هليو ويو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.