تازہ ترین

بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻجندي ڏسي رهيو آهيان: منظور وساڻ

خيرپور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ منظور حسين وساڻ چيو آهي ته مستقبل ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح بلاول ڀٽو زرداريءَ کي وزيراعظم بڻجندي ڏسي رهيو آهيان. خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي منظور وساڻ چيو ته 27 هين آئيني ترميم ۾ جي يو آءِ پيپلز پارٽيءَ جو ساٿ ڏيندي، اڳ به جي يو آءِ اسان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته مستقبل ۾ بلاول ڀٽو زرداريءَ کي وزيراعظم ڏسي رهيو آهيان، پي ٽي آءِ وارا اڳ به وڙهندا رهيا آهن پر کين هن وقت تائين فائدو ناهي ٿيو، اسان جھيڙو تڪرار ڪرڻ وارا ماڻهو ناهيون، امن امان جي خواهش رکندڙ آهيون. منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ وارن جا پاڻ ۾ اختلاف آهن، هو پاڻ ۾ ناهن ٺهندا، اڳتي هلي پي ٽي آءِ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويندي ۽ ان ۾ ڌڙا بندي ٿي ويندي، جيستائين پي ٽي آءَ باني جيل اندر آهي تيستائين بشريٰ بي بي ۽ ان جي پارٽي ڏکيائين ۾ آهي. 18 هين ترميم ۾ به اهي ئي شرط هئا جيڪي 26 هين آئيني ترميم ۾ آهن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.