تازہ ترین

سنڌ هاءِ ڪورٽ: ڪمند جو اگهه مقرر نه ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي

ڪراچي (ويب ديسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪمند جو اگهه مقرر نه ڪرڻ ۽ شگر ملز نه هلائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. عدالت سيڪريٽري زراعت ۽ ڪين ڪمشنر پاران جواب جمع نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري زراعت ۽ ڪين ڪمشنر جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گھري ورتي. درخواست گذار جي وڪيل مريد علي شاهه موقف اختيار ڪيو ته سنڌ ۾ ڪمند جي نئين سيزن جي شروعات پهرين آڪٽوبر کان ٿي چڪي آهي، سنڌ حڪومت هن وقت تائين ڪمند جو اگهه مقرر ناهي ڪيو. وڪيل چيو ته ڪمند جو امدادي اگھه مقرر نه ڪرڻ ۽ پيڙهائي نه ڪرڻ سبب سنڌ جي آبادگارن کي سخت مالي نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي، وڪيل چيو ته شگر ڪين ايڪٽ تحت پهرين آڪٽوبر کان اڳ ڪمند جو اگهه مقرر ڪري ملون هلائڻ گهرجن پر ان باوجود حڪومت ۽ شگر ڪين بورڊ پنهنجي ذميواري ادا نه ڪئي آهي جنهن ڪري سنڌ حڪومت، شگر ڪين بورڊ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي فوري طور ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ ملون هلائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.