تازہ ترین

ڀريا روڊ: نوجوان جو ووڻن جي فصل مان پراڻو لاش هٿ

ڀريا روڊ (ويب ڊيسڪ) ڀريا روڊ جي ڳوٺ احمد خان چانڊيو ڀرسان ووڻن جي فصل مان نوجوان جو لاش هٿ آيو. اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي فوتي جي سڃاڻپ بدرالدين ولد علي چانڊيو طور ڪئي وئي. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته بدر چانڊيو جمعي جي ڏينھن کان گم هو،گهڻي ڳولا باوجود ڪٿان به ڏس سندس پتو نه مليو، اڄ سندس لاش هٿ آيو آهي. پوليس موجب نوجوان جي موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد حقيقت معلوم ٿيندي، معاملي بابت وڌيڪ جاچ به ڪئي پئي وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.