تازہ ترین

ستاويهين آئيني ترميم به آڻيداسين، وزيراعطم ۽ بلاول ڀٽو ۾ اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ 27 هين آئيني ترميم به آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ لاهور ۾ ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته 26 هين آئيني ترميم جي منظوريءَ جو ڪريڊٽ اتحادي پارٽين کي وڃي ٿو، اڳ به عوامي خدمت کان پوئتي ناهيون هٽيا، هاڻ به نه هٽنداسين. سندس چوڻ هو ته ملڪي معاشي ڏهايون هاڪاري ٿيڻ سان مهانگائيءَ ۾ واضح گھٽتائي ٿيندي نظر اچي رهي آهي. ان بابت بلاول ڀٽو زرداريءَ جو چوڻ هو ته جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي مضبوطيءَ جي لاءِ گڏجي هلنداسين، غير جمهوري طاقتن جو رستو روڪڻ جي لاءِ 26 هين آئيني ترميم ڪارگر ثابت ٿيندي. ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته 27 هين ترميم به آندي وڃي. ذريعن موجب ان ملاقات ۾ 26 هين ترميم بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، 27 هين ترميم ۾ صوبن جي حقن بابت کٽڪن کي ڏٺو ويندو ۽ ان ترميم تي مولانا فضل الرحمان، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين سياسي ڌرين کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.