تازہ ترین

وديا بالن ماڌوريءَ سان ڊانس ڪندي اسٽيج تي ڪري پئي، وڊيووائرل

بالي ووڊ جي ورسٽائل اداڪارا وديا بالن هڪ تقريب دوران ماڌوري ڊڪشٽ سان ڊانس ڪندي اسٽيج تي ڪري پئي، ٻئي اداڪارائون ممبئيءَ ۾ رٿيل هڪ تقريب ۾ اسٽيج تي ڪامياب هارر ڪاميڊي فلم ڀول ڀليا جي مشهور گيت “آمي جي تومار” تي رقص ڪري رهيون هيون ته وديا بالن کي ٿاٻو آيو ۽ هوءَ اسٽيج تي ڪري پئي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته گيت تي پرفارم ڪندي جڏهن وديا ڪري پئي ته اُن اهو محسوس ٿيڻ نه ڏنو ته هوءَ ڪِري پئي آهي ۽ تمام سهڻي انداز سان پاڻ سنڀالي رقص کي جاري رکيو، ان دوران ڌڪ ڌڪ گرل ماڌوري ڊڪشٽ به رقص جاري رکندي وديا بالن جي مدد لاءِ ساڻس وٽ پهتي پر ٻنهي اداڪارائن مداحن کي محسوس ٿيڻ نه ڏنو ته مشهور اداڪارا رقص دوران ڪري پئي آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.