تازہ ترین

فلسطين تي اسرائيلي حملا جاري، وڌيڪ 45 فلسطيني شهيد

اسرائيلي فوج طرفان مظلوم فلسطينين تي حملا جاري آهن، تازن حملن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت وڌيڪ 45 فلسطيني شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج بيت الهيه ۾ 6 رهائشي عمارتن تي حملا ڪري 45 فلسظينين کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ درجنين زخمي ٿي پيا. رپورٽن موجب ٻن ڏينهن تائين غزه جي ڪمال عدوان اسپتال تي قبضو رکڻ بعد اسرائيلي فوجين هاڻ اسپتال مان نڪري ويا آهن ۽ ويندي ويندي ڪيترن ئي مريضن کي کنڀي کڻي ويا، جڏهن ته عزه جي مختلف علائقن مان 8 فلسطينين جا تشدد ٿيل لاش پڻ مليا آهن.هوڏانهن لبنان جي مختلف علائقن تي اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 19 ماڻهو شهيد ٿي ويا جڏهن ته جھيڙيندڙ گروپ حزب الله به اسرائيل تي 100 کان وڌيڪ راڪيٽ ۽ ميزائل حملا ڪيا جنهن ۾ اسرائيلي فوجي حدفن سميت هڪ شهري علائقي کي نشانو بڻايو ويو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.