تازہ ترین

وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جو چوڻ آهي ته ڪنهن به کاتي جي فيصلي سازي لاءِ ڊيٽا اهم هوندي آهي پر اسان انفارميشن ۽ ڊيٽا کانسواءِ ئي فيصلا ڪريون ٿا

وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جو چوڻ آهي ته ڪنهن به کاتي جي فيصلي سازي لاءِ ڊيٽا اهم هوندي آهي پر اسان انفارميشن ۽ ڊيٽا کانسواءِ ئي فيصلا ڪريون ٿا، چاهيان ٿي ته اسان وٽ درست ڊيٽا هجي ها ته سوشل پروٽيڪشن پروگرامز ۾ ٽيڪس ڏيندڙن جو پيسو ضايع نه ٿئي ها

هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز جو چوڻ هو ته پنجاب جي 13 ڪروڙ آبادي آهي پر خبر ناهي ڪيتري آبادي ڪنهن سوشيو اڪنامڪ ڪيٽيگري ۾ آهي

هن چيو ته بي آءِ ايس پي جي ڊيٽا کي به اپ ڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، افسوس هارين بابت به ڪارائتي ڊيٽا موجود ناهي، گهڻن ئي هارين ٽيڪس کان بچڻ لاءِ پنهنجي زمين، 12، 12 ايڪڙ ورهائي رجسٽريون ڪرايون آهن، معذور ماڻهن بابت به جوڳي ڊيٽا موجود ناهي. هن چيو ته پنجاب جا کوڙ ماڻهو بجلي جو بل ڀري نٿا سگهن، بجلي جا بل عوام لاءِ هڪ وڏي ڏکيائي بڻجي ويا آهن. ماڻهن جي پگهارن جو وڏو حصو بجلي جي بلن جي مد ۾ هليو وڃي ٿو، اهڙا واهپيدار جن جا 500 يونٽ استعمال ٿين ٿا انهن لاءِ سولر سسٽم آڻي رهيا آهيون. سوشيو اڪنامڪ رجسٽري ۾ 5 هزار کان وڌيڪ رجسٽريشن سينٽرز ٺاهيا ويا آهن. اميد آهي ته هڪ سال ۾ درست ڊيٽا سامهون اچي ويندي جنهن موجب مستحق ماڻهن کي رليف ڏينداسين

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.