ناڻي واري وفاقي محمد اورنگزيب چيو آهي ته هلندڙ مهيني آءِ ايم ايف سان نئين قرض پروگرام تي معاهدو ٿي ويندو
سينيٽ جي ناڻي بابت ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون بهتر انداز ۾ جاري آهن، فوج کي پنهنجي پوري سروس اسٽرڪچر ۾ تبديلي ڪرڻي پوندي، ان لاءِ فوج سال جي رعايت ڏني وئي آهي، هٿياربندن فوجن لاءِ پهرين جولائي 2025 کان نئون پينشن جو نظام شروع ٿي ويندو.
وفاقي وزير چيو ته حڪومت خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ 5 وزارتن کي ختم ڪيو ويندو، آءِ ايم ايف اصل آمدن تي ٽيڪس چاهي ٿو، جيڪو درست آهي. هن چيو ته ڪو به ملڪ 9 سيڪڙو ٽيڪسٽ ٽو جي ڊي پي تي نٿو هلي سگهي، آءِ ايم ايف پروگرام جي ڪري ٻين ادارن کان فنڊز ملڻ شروع ٿي ويا آهن