تازہ ترین

صدر آصف علي زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ملاقات ڪري صوبي جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني

صدر آصف علي زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ملاقات ڪري صوبي جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني آهي.

ايوان صدر ۾ ٿيل ملاقات ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي صدر آصف علي زرداري کي امن امان سميت صوبي جي مجموعي صورتحال کان آگاهه ڪيو.

وڏي وزير سرفراز بگٽي صدر کي صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني.

ان موقعي تي صدر چيو ته بلوچستان جون آبي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪڇي ڪئنال کي جلد مڪمل ڪرڻ ضروري آهي، صوبائي حڪومت ترقي ۽ عوامي خوشحالي لاءِ اثرائتا قدم کڻي صدر آصف علي زرداري صوبي ۾ جاري منصوبن ۽ امن امان لاءِ صوبائي حڪومت جي کنيل قدمن جي اطمينان جو اظهار ڪيو

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.