تازہ ترین

وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آئين کي ٻيهرلکڻ برابر آهي

وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آئين کي ٻيهرلکڻ برابر آهي

مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي رد عمل ٿيندي، راڻا ثناءُ الله چيو ته هن ڌر کي بغير گهرڻ جي ڏنو ويو جيڪا ڌر ئي نه هئي، انهن ايم اين ايز جو حلفي بيان موجود آهي جيڪي آزاد چونڊجي سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيا

هن چيو ته عدالتي فيصلا عام ماڻهن جي به سمجهه ۾ اچڻ گهرجن، انصاف ٿيڻ نه پر انصاف ٿيندي نظر اچڻ گهرجي، اهڙا فيصلا جيڪي سمجهه کان ٻاهر هجن اهي ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ناهن هوندا، هڪ فيصلو آيو هو جنهن ۾ ڪنهن کي آئين ۾ ترميم جو اختيار ڏنو ويو هو، آئين ۾ترميم جو اختيار ڏيڻ واري فيصلي کي قوم ورهين تائين ڀوڳيو، اهڙا فيصلا انتهائي افسوسناڪ  ۽ ملڪ توڙي قوم جي مفاد ۾ ناهن هوندا

راڻا ثناءُ الله چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو سني اتحاد جي حق ۾ ناهي آيو، سني اتحاد ڪائونسل جي حق ۾ ناهي آيو، سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ تسليم نه ڪئي وئي، هاڻي هڪ نئون فيصلو تحريڪ انصاف جي حق ۾ آيو آهي ته آزاد ميمبر پي ٽي آءِ جا آهن. هن چيو ته عدالتن جو احترام آهي، ججز بهترين ججز آهن، ججز آئين جي تحفظ جو حلف کنيو آهي،  هي آئين ٻيهر لکڻ جي برابر آهي

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.