تازہ ترین

January 7, 2025

Year : 2025

آمريڪا ۾ رڪارد برفباري، 6 ڄڻا فوت، هنگامي حالتون جاري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي اوڀرندي سامونڊي رياستن ۾ برفاني طوفان سبب 7 رياستن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون، 2 هزار اڏامون ملتوي ڪيون ويون، آمريڪا جي رياستن نيوجرسي، پينسلوينيا، ورجينيا ۽ اوهايو سڀ کان متاثر ٿيون، 3 لک کان وڌيڪ شهري بجلي کان محروم ٿي ويا، حادثن ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، […]

تبت ۾ زلزلو، 53 ڄڻا فوت، سوين زخمي، ڪئين عمارتون ڊهي پٽ

تبت (ويب ڊيسڪ) تبت ۾ زلزلي جي نتيجي ۾53 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 40 ماڻهو زخمي ٿي پيا، چيني سرڪاري ميڊيا موجب زلزلي سبب تبت ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ پئجي ويون، 7 ڏهائي هڪ جي شدت سان آيل زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جو مرڪز تبت جي ڊنگري ڪائونٽي […]

ڪراچي جي ملير ايڪسپريس وي وٽ پوليس مقابلو، ڏوھاري مارجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ملير ايڪسپريس وي وٽ پوليس مقابلي ۾هڪ ڏوھاري مارجي ويو، پوليس جو چوڻ آھي ته گشت دوران بيھڻ جي اشاري تي جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي ڪارروائي ۾ برڪت مارجي ويو، مارجي ويل جوابدار وٽان ھٿ آيل پسٽل پوليس اھلڪار کان ڦر ڪيل ھو.

وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي ڪراچي جو دورو ڪندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي ڪراچي جو دورو ڪندو، دوري دوران وزيراعظم پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تقريب ۾ شرڪت پڻ ڪندو، شهباز شريف واپارين ۽ صنعتڪارن سان به ملاقاتون ڪري سندن مسئلا ٻڌندو.

ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر برقرار، سنڌ ۾ سيءَ ۾ واڌ، مٿانهن علائقن ۾ برفباري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر برقرار، سنڌ ۾ سيءَ ۾ واڌ اچي وئي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ وقفي وقفي سان برفباري جاري، ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا، زندگي جو نظام ڊانواڊول، وادي نيلم ۾ وقفي وقفي سان برسات ۽ برفباري سبب ڪاروهنوار متاثر، قلات ۾ پارو ڪاٽو 10 […]

سنڌ سرڪار پاران شاهه فيصل انٽر سيڪشن کان ايئرپورٽ تائين روڊ بهتر بڻائڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ شاهه فيصل انٽر سيڪشن کان ايئرپورٽ تائين روڊ کي بهتر بڻائڻ جو فيصلو، وڏي وزير جي قائدآباد انٽرسيڪشن ٻن مهينن ۾مڪمل ڪرڻ جي هدايت، ان موقعي تي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ملير ايڪسپريس وي جو 9 ڪلوميٽرن جو پهريون مرحلو مڪمل ٿيو آهي، ٽول پلازا تي 18بوٿ […]

وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿوري دير ۾ شروع ٿيندو، اجلاس ۾ 11 نقاطي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويندو، وفاقي وزارتن ۾ اِي آفيس جي استعمال تي ڪابينا جي ميمبرن کي بريفنگ ڏني ويندي، اجلاس ۾ سيڙپڪاري بورڊ ۽ شينڊونگ زوئي گروپ وچ ۾ ٽيڪسٽائل پارڪز لاءِ […]

سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي جسٽس جمال مندوخيل  رمارڪس ڏيندي چيو ته آئين ۾ واضح آهي ته ايگزيڪيوٽو عدليه جو ڪردار ادا نٿو ڪري سگهي، بچاءَ واري وزارت ايگزيڪيو ادارو آهي، ايگزيڪيوٽو خلاف ڪو ڏوهه هجي ته ڇا اُها پاڻ جج بڻجي فيصلو […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.