تازہ ترین

سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي جسٽس جمال مندوخيل  رمارڪس ڏيندي چيو ته آئين ۾ واضح آهي ته ايگزيڪيوٽو عدليه جو ڪردار ادا نٿو ڪري سگهي، بچاءَ واري وزارت ايگزيڪيو ادارو آهي، ايگزيڪيوٽو خلاف ڪو ڏوهه هجي ته ڇا اُها پاڻ جج بڻجي فيصلو ڪري سگهي ٿي؟ آئين ۾ اختيارن جي ورڇ بلڪل واضح آهي، فوجي عدالتن جي ڪيس ۾ اهو بنيادي آئيني سوال آهي. سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ آڏو بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ماضيءَ ۾ قرار ڏنو هو ته فوج جي ماتحت سويلينز جو ڪورٽ مارشل ٿي سگهي ٿو، جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته موجوده ڪيس ۾ متاثر ڌر ۽ اپيل داخل ڪندڙ ڪير آهي؟ وڪيل خواجا حارث جواب ڏنو ته اپيل بچاءَ واري وزارت طرفان داخل ڪئي وئي آهي، ڪو ٻيو فورم دستياب نه هجي ته ايگزيڪيوٽو فيصلو ڪري سگهي ٿو، جسٽس جمال مندو خيل چيو ته قانون ۾ دهشتگردي جي انت وارين عدالتن جو فورم موجود آهي، قانوني فورم جي هوندي ايگزيڪيوٽو پاڻ ڪيئن جج بڻجي سگهي ٿو؟ وڪيل خواجا حارث چيو ته اوهان جي ڳالهه درست آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.